ڀٽائي ميين احمد جو دستخط نسخو-3

ڀٽائي، ميين احمد جو دستخط نسخو-3: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي نسخو اڻپورو آهي ۽ ان جا فقط 56 ورق (112 صفحا) منتشر ۽ زبون حالت ۾ دستياب ٿيا آهن. انهن ورقن ۾ 12 سر، 765 بيت ۽ 49 وايون شامل آهن. انهن ورقن ۾ ڪٿي به ڪتابت جي تاريخ ڄاڻايل ڪانهي. ميين احمد ڀٽائيءَ، شاهه جي رسالي جا هڪ کان وڌيڪ نسخا لکيا، جيڪي گھڻو ڪري سڀ وڏي تختيءَ وارن ورقن تي لکيل آهن، مگر هي نسخو ٻين ڪن آڳاٽن نسخن وانگر ننڍي تختي تي لکيل آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته ميين احمد هي رسالو سڀ کان پهريائين لکيو هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو